سنڌ

پاڻي کوٽ خلاف ميرپور بٺوري ۾ 11 ڪلوميٽر پيادل مارچ، ڌرڻو

ميرپوربٺورو تعلقي ۽ لاڙ پٽي سميت سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ميرپوربٺورو جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي تعداد ۾ عورتن، سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ آبادگارن ۽ هارين صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزار تي پھچي سڪايل سنڌ کي پاڻي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جو وچن ڪيو. جنهن بعد عورتن ساران زئور، سميرا زئور، بينظير آڪاش زئور، صحافي نعمت کھڙو ۽ آڪاش زئور جي اڳواڻي ۾ جھوڪ شريف کان ميرپوربٺورو شهر تائين 11 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ميرپوربٺورو شهر پھچي شهر جي مين اسٽاپ تي سجاول، حيدرآباد روڊ تي سخت گرمي ۾ ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو. ان دوران ميرپوربٺورو کي پاڻي ڏيو، سنڌ کي پاڻي ڏيو، پاڻي خاطر جهيڙو آ، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ۽ سڪايل سنڌ کي پاڻي ڏيو جي سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، پيادل مارچ ۾ شريڪ عورتن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن جو جھوڪ شريف کان ميرپوربٺورو ايندي رستي تي ٺاراڻي اسٽاپ، چورواھه اسٽاپ، ڀڏو اسٽاپ ۽ اڇي موري سميت مختلف ھنڌن تي ڳوٺاڻن سميت عورتن زبردست استقبال ڪري مٿن گل نڇاور ڪري نارين ۽ ٻين اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون. جڏهن ته ميرپوربٺورو پھچڻ تي ماڻهن مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ نارين ۽ اڳواڻن جو ڀرپور استقبال ڪري مٿن گلاب جا گل نڇاور ڪرڻ کان علاوه نارين ۽ ٻين اڳواڻن کي اجرڪ ۽ لونگيون اوڍايون. ميرپوربٺورو ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي ساران زئور، بينظير زئور، سميرا زئور، رفعيه پليجو، ڪامريڊ امبرين، ھير آزاد، پارس زئور، ساجدهه پرھياڙ، صحافي نعمت کھڙو، نواز خان زئور، نور احمد ڪاتيار، اشرف پليجو، عبدالغني ملاح، عبدالغفور ميمڻ، عامر ميمڻ، شفيع محمد زئور، دانش ديدار پٺاڻ، مير باگو چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ميرپوربٺورو تعلقي ۽ لاڙ پٽي سميت سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب لکين ايڪڙ سرسبز زمين غير آباد ٿي ڀڙڀانگ بڻجي چڪي آهي ۽ ھاري خاندان ھڪ ويلي لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته انساني آبادي ۽ آبي جيوت به پاڻي نه هئڻ سبب اڃ وگهي مري رهيا آهن. هنن چيو ته پاڻي کوٽ لاءِ خاموش صوبائي ۽ وفاقي حڪومت سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن کي نارين جي هن تاريخي مارچ کانپوءِ شرم اچڻ گهرجي. هنن چيو ته آبپاشي کاتي جي نااهل ۽ ڪرپٽ عملدارن جي نااهلي سبب گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته سڪايل سنڌ کي پاڻي نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button