گهوٽڪي فيڊر جي سيهڙ واهه ۾ هڪ مهيني کان پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ريتي مائينر ۽ ٻين شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي. پاڻي کوٽ جي ڪري آبادگارن جا فصل سڪي رهيا آهن، جنهن جي خلاف ريتي مائينر، فقير مائينر، سيھڙ واهه جي آبادگارن مير محمد، علي احمد، محمد سومار ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ريتي مائنر ۾ ھڪ مھيني کان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ آھي. ريتي مائينر جي منڍ جا آبادگار پکن ذريعي سڄو پاڻي چوري ڪري رھيا آھن. بااثر ماڻهن ريتي مائنر ۾ دڪا ٺاھي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي. انڪري پڇڙي وارا آبادگار پاڻي ڦڙي کان محروم آھن. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ ختم ڪيو وڃي ته جيئن فصلن کي بچائي سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close