مدئجي ۾ هٿرادو لوڊشيدنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. مدئجي ۾ لوڊشيدنگ خلاف شهرين مور مگسي، مير اظهر جتوئي، علي حسن بروهي ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته سيپڪو پاران قهر جي گرمي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بار بار دانهڻ باوجود ڪو نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. هنن چيو ته 16 کان 18 ڪلاڪ تائين ٿيندڙ لوڊشيڊنگ سبب سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. هڪ پاسي مهانگائي سبب کائڻ پيئڻ لا ڪجهه ناهي، مٿان بجلي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. هنن سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. رابطو ڪرڻ تي سيپڪو عملدارن چيو ته شيڊيول موجب 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، باقي شيڊول کان علاوه ٿيندڙ لوڊشيڊنگ بجلي جي کوٽ سبب پي ڊي سي سکر پاران ڪئي پئي وڃي، جنهن سان اسان جو واسطو ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close