سڳيون لڳ ڪچي جي علائقي ڪيٽي منگي ماڙي جي ڳوٺ محمد چنا جي رهواسين نسيم چنا، عبدالرزاق چنا، نديم چنا، غفار چنا ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته گذريل ڏينهن ڌاڙيل دلي جان سيال پنهنجي هٿياربند ڌاڙيل ٽولي سان گهرن تي چڙهائي ڪري 40 ڍور ڳئون ۽ 30 ڍور مينهون ڪاھي فرار ٿي ويو، جنهن کان کانپو دلي جان سيال ڊرامائي انداز ۾ گلبهار سيال نالي پنهنجي هڪ روپوش ڌاڙيل کي زخمي ڪري ان جو ڪيس اسان مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس هٿان زخمي ٿيل همراهه زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جو جواز ڄاڻائي ڌاڙيل دلي جان سيال سان ٻٽ بڻيل حد جي ٿاڻي منگي ماڙي جي پوليس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. ايس ايڇ او منگي ماڙي ڪيترن ئي ٿاڻن جي پوليس ۽ اي پي سي گاڏين ذريعي اسان جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته ايس ايس پي خيرپور ضلعي جي سڀني ايس ايڇ اوز کي دلي جان سيال جي گرفتاري جو حڪم ڏنو پر ايس ايڇ او منگي ماڙي عمل نه ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close