اسٽاڪ هوم: اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي هڪ تازي رپورٽ موجب دنيا جون سڀئي 9 اينٽي طاقتون ايٽمي هٿيارن کي جديد ترين بڻائي رهيون آهن يا انهن جي انگ ۾ واڌ ڪري رهيون آهن. 2021ع ۾ آمريڪا ۽ روس ۾، جن وٽ دنيا جا 90 سيڪڙو جوهري هٿيار موجود آهن، ايٽمي هٿيارن جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي. ان جو سبب ورهيه اڳ تيار ڪيل وار هيڊز جو ناڪارا بڻجڻ هو پر سپري موجب انهن ملڪن جا هن وقت استعمال لائق ايٽمي هٿيار مستحڪم آهن. ان انسٽيٽيوٽ موجب برطانيا، فرانس، چين، ڀارت، پاڪستان، اسرائيل ۽ اتر ڪوريا يا ته پنهنجي جوهري هٿيارن لاءِ نئون سسٽم جوڙي رهيا آهن يا انهن ائين ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپري جو چوڻ آهي ته جوهري هٿيارن جي انگ ۾ ان واڌ جو مطلب آهي ته سرد جنگ کانپوءِ شروع ڪيل جوهري هٿيارن گهٽ ڪرڻ جو عمل هاڻ ختم ٿي چڪو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close