اسلام آبادپاڪستان

امپورٽڊ حڪومت کي غريب جي نه آمريڪا جي ڳڻتي آهي: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت کي غريب طبقي جي نه آمريڪا جي ڳڻتي آهي، ٻاهرين سازش ذريعي اسان جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان جي لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جي پاليسي سبب پاڪستان جي معيشت وبائي صورتحال ۾ به ڪمزور نه ٿي ۽ عوام بيروزگاري کان بچي ويو، امپورٽڊ حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي غريب طبقي تي مهانگائي جو وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو. هن چيو ته اسان جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندڙن ٻن مهينن ۾ ايتري مهانگائي ڪري ڇڏي، جيتري اسان جي ساڍن ٽن سالن ۾ به نه ٿي، هيءَ حڪومت رهي ته جمهوريت ختم ٿي ويندي.

جنهن پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لوٽو راجا رياض هوندو اها پارليامينٽ به ختم. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عمران خان اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪندي چيو ته الڪيشن ڪميشن هڪ مخصوص پارٽي جي ونگ بڻجڻ کان پاسو ڪري. ملاقات ۾ قانوني، آئيني ۽ سياسي معاملن تي صلاح مشورو ڪيو ويو، ان دوران عمران خان ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گفتگو ڪندي چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي جهموري پارٽي کي اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي. رپورٽن موجب عمران خان اليڪشن ڪميشن بابت قانوني معاملن جو ٽاسڪ بابر اعواڻ کي ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button