
جسم چيئرمين رياض چانڊيو ميونسپل ڪاميٽي رتوديرو جي وارڊ 3 تي آزاد اميدوار طور بيٺل الهورايو عمراڻي جي چونڊ مهم هلائيندي تڪ ۾ پهچي شهرين کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته وارڊ 3 تي آزاد اميدوار الهورايو عمراڻي همت ڪري وڏن بتن سامهون بيٺو آهي، هن ڪفر ۽ ظلم واري حالت ۾ چونڊن ۾ بيهڻ به دليري جو ڪم آهي هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ معتبر ماڻهن پئسن جي لالچ ۾ اچي پاڻ کپائي ڇڏيو آهي پر ان هوندي به هي نوجوان ثابت قدم بيهي چونڊ وڙهي رهيو آهي، تبديلي غريب ماڻهو ئي آڻيندا آهن ان ڪري پنهنجو ووٽ سنڌ جي غيرت مند ماڻهن کي ڏيو. جسم چيئرمين رياض چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي دريا ۽ پاڻي تي غير قانوني طور والار ۽ قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بلدياتي ادارا تمام گھڻي دولت سان مالا مال آهن پر 14 ورهين کان وٺي پ پ وارن بلدياتي ادارن مان پنهنجون جيب خرچيون ڪڍي انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سڄي سنڌ کي اپيل آهي ته اهي پ پ جي ڪنهن اميدوار کي ووٽ نه ڏين ڇو ته پ پ کي ووٽ ڏيڻ بک، بدحالي ۽ بربادي ۾ اضافو ڪرڻ آهي، ڪنهن به سردار، مير، پير ۽ مرشد جي چوڻ تي پنهنجو ووٽ نه ڏيو ڇو ته اهي لٽيرا آهن. ان موقعي تي عالم پناهه ابڙو، اياز بليدي، ديشي ميراڻي ۽ ٻيا گڏ هئا.