
لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد نئون ديرو روڊ تي مبينا طور نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن جي ٽڪر ۾ ايمپائر ٽائون جي يونين ڪاميٽي هڪ ڳوٺ علي عمراڻي جي وارڊ هڪ تان جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندڙ اميدوار نائب حسين عمراڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. زخمي نائب حسين عمراڻي دانهيندي الزام لڳايو ته جي ڊي اي جي تان ڪائونسلري سيٽ تي چونڊ وڙهڻ تان مخالف ڌمڪيون ڏيندا هئا. ڳوٺ کان جيلس بازار موٽرسائيڪل تي اچي رهيو هيس ته نئون ديرو روڊ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن ٽڪر هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي ۾ منهنجا مخالف ملوث آهن، جن مون مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.