سنڌ

ميرپور بٺوري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

ميرپور بٺورو ۾ بدامني وڌڻ ڪري چوري ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون. بدامني جي باهه خلاف شهري توڙي ڳوٺاڻن عورتن سميت مين بس اسٽاپ تي حيدرآباد-سجاول روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڏيڍ مهينو اڳ پورهيت لالو ڪولهي کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ٿيڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وڏي انگ ۾ ماڻهن مهر شاهه چوڪ کان ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن قادر بخش زئور، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، لالو ڪولهي، بابو عثمان ميمڻ، آلو ڪولهي، ڀورو ڪولهي، والو ڪولهي، تيجان ڪولهي، ورزو ڪولهي ۽ ٻين چيو آهي ته بٺوري جي آس پاس جا روڊ رستا غير محفوظ بڻيل آهن. ڏيڍ مهينو اڳ پورهيت لالو ڪولهي کان موٽرسائيڪل ڦر ٿي هئي، جڏهن ته متاثر لالو ڪولهي ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي پر کيس بٺورو پوليس مسلسل دلاسا ڏئي دربدر ڪري رهي آهي. هنن چيو ته پوليس کي چورن جي خبر هوندي پوءِ به چورن کي گرفتار ڪري کين ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس نٿي ڪرائي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته لالو ڪولهي سميت مختلف چوريون ۽ ڦرون واپس ڪرائي امن بحال ڪرايو وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن چوري واپس نه ڪرائي وئي ته هو انصاف لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button