اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زونز جو ننڍن صوبن ۾ قيام سٺو سنوڻ آهي، اقتصادي زونز کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، انهن کي سيڙپڪاري لاءِ رول ماڊل بڻايو وڃي، ايندڙ دور پاڪستان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو. هن چيو ته اسان چين پاڪستان اقتصادي راهداري جا منصوبا مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، وزيراعظم اقتصادي زون رشڪئي جي دوري کان پوءِ چيني ۽ پاڪستاني وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته هي پاڪستان جو پهريون اقتصادي زون آهي ۽ هي منهنجي ذاتي دلچسپي ۽ عزم آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي زونز کي هٿي ڏني وڃي ۽ هي عمل خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾ ٿيڻ گهرجي، ان موقعي تي احسن اقبال، اسعد محمود ۽ ٻين کانسوا
چيني ڪمپني جا نمائندا به موجود هئا. شهبازشريف چيو ته هي ان جو وزيراعظم جي حيثيت سان ڪنهن به خصوصي اقتصادي زون جو پهريون دورو آهي، هن چيو ته اسان سڀني عزم ڪيو آهي ته گڏجي ڪم ڪنداسين ته جيئن پاڪستان ۾ صنعتي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيندي نوڪريون ۽ روينيو حاصل ڪيو وڃي ۽ ايندڙ وقتن ۾ پاڪستان هڪ ترقي يافته ۽ مستحڪم ملڪ بڻجي. وزيراعظم چيو ته 2016 ۾ بيجنگ ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز بنائڻ جو عزم ڪيو ويو هو، جيڪو هن وقت لاءِ به اهم آهي چين ڪجهه اهم شعبن ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. هن چيو ته اسان چين جي ڀيٽ ۾ هاڻي به پٺتي آهيون اسان کي اميد آهي ته اسان اقتصادي زونز ۽ هر ان هنڌ چيني مشينري آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جتي پاڪستان ۽ چيني سيڙپڪاري ذريعي ترقي کي هٿي ڏياري سگهجي. هن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه سميت آبادي جي لحاظ کان ننڍن صوبن ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي قيام کي خوش آئند قرار ڏيندي چيو ته انهن زونز قائم ٿيڻ سان صنعتي سيڙپڪاري، روزگار، پيداوار جي ترقي وڌندي.