اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ جو اجلاس، اڳوڻي فوجي حڪمران پرويز مشرف کي وطن واپس آڻڻ تي بحث

اسلام آباد: سينيٽ ۾ (ن) ليگ قائد نواز شريف طرفان سياسي مخالف ۽ اڳوڻي فوجي حڪمران پرويز مشرف کي وطن واپس آڻڻ تي حڪومت طرفان سهولت فراهم ڪرڻ جي بيان کانپوءِ حڪومتي اتحاد ۽ اپوزيشن سينيٽرن طرفان بحث ڪيو ويو ته اڳوڻي صدر کي ڏيهه موٽڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي يا نه؟ ڪالهه سينيٽ اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي صدر ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي معاملي تي بحث ڪيو ويو. پ پ سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو ته اهو فيصلو اسان نه ڪنداسين، اهي فيصلا ٻئي هنڌ ٿيندا، جڏهن هو ٻاهر وڃي رهيو هو ته ڇا توهان ان کي روڪي پئي سگهيا؟ جڏهن واپس ايندو ته ڇا توهان روڪي سگهندو؟ ان جو مقصد اهو آهي ته هي هڪ فضول عمل آهي.

هن چيو ته مان پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ جيل ۾ رهيو آهيان پر جڏهن مان وزيراعظم ٿيس ته هن ئي منهنجو حلف ورتو هو، جڏهن پرويز مشرف هتي هو ته مان کيس معاف ڪري ڇڏيو هو، جيڪڏهن هو اچڻ چاهي ته اچي پاڪستان ان جو گهر آهي، اسان کي ان جي واپسي تي ڪو اعتراض ناهي پر سڀني سان هڪ جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پرويز مشرف هن ملڪ جو شهري آهي، هو بيمار آهي، جيڪڏهن اچڻ چاهي ٿو ته کيس اچڻ ڏنو وڃي. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته پرويز مشرف کي واپس آڻڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان بابت نواز شريف جو بيان به آيو آهي، هن ملڪ ۽ آئين سان وڏو ظلم ٿيو آهي، اسان مجبور آهيون، اسان جا هٿ پير ٻڌل آهي ۽ اسان عملي طور غلام آهيون. پرويز مشرف جي حڪومتي دور جو ذڪر ڪندي

هن چيو ته هو 10 سالن تائين اڇي ڪاري جو مالڪ رهيو، هن ٻه ڀيرا آئين ٽوڙيو ۽ عدليا تي حملو ڪيو، ان جي دور ۾ اڳوڻي چيف جسٽس کي وارن کان پڪڙي گِهيليو ويو، ان بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو فيصلو موجود آهي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف قوم جي پٽن ۽ ڌيئرن کي وڪرو ڪيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم جو 140 ارب ڊالرن جو نقصان ڪيو، آئين چئي ٿو ته ملڪ جا سمورا شهري پنهنجي ڏوهن تي قوم کي منهن ڏين، کيس واپس آندو وڃي ته جيئن قانون کي منهن ڏئي، نواز شريف به اچي ۽ قانون کي منهن ڏئي. جماعت اسلامي سينيٽر چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف کي آندو وڃي ٿو ته پوءِ جيلن جا دَر کولي ڇڏيو، عدالتن کي بند ڪري ڇڏيو، ڇو ته ان کانپوءِ عدالتن ۽ هن ايوان جي ڪا ضرورت ناهي. سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته پرويز مشرف يا جيڪي ماڻهو ٻن هفتن جو چئي ملڪ مان ويا هئا، انهن کي واپس اچڻ گهرجي، مان پرويز مشرف جي واپسي جو مخالف ناهيان، واپس اچي پر قانون کي پنهنجو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، هر شخص لاءِ قانون هڪ جهڙو هجڻ سان ئي ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته هن وقت هو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي، هن وقت جيڪڏهن اسان اهو چئون ته هو وطن واپس نه اچي ته اهو مناسب نه هوندو. پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته پ پ جي روايت رهي آهي ته ڀلي ڪو وڏي ۾ وڏو آمر ڇو نه هجي، جيڪڏهن اهو لاڏاڻو ڪري وڃي ته خوشي جو اظهار ناهيون ڪندا، تنهن ڪري پرويز مشرف کي واپسي جي اجازت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پرويز مشرف آئين ٽوڙيو ۽ ان خلاف عدالت جو فيصلو به موجود آهي پر هو لاڏاڻو ڪري وڃي ٿو ته کيس ملڪ ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، اهو ان جو حق آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وڏي ايوان جو اجلاس اڄ 16 جون صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button