اسلام آبادپاڪستان

خط جي معاملي تي جڊيشل ڪميشن يا ڪو ٻيو فورم ٺهيو ته ادارو تعاون ڪندو: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته خط جي معاملي تي جڊيشل ڪميشن يا ڪو ٻيو فورم ٺاهيو ويو ته ادارو مڪمل تعاون ڪندو. نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو دوران هن ڪوبه سياسي بيان ناهي ڏنو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته مون رڳو پاڪ فوج جي سروسز چيفس جو وضاحتي بيان ڏنو آهي. گذريل ڏينهن اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد خانگي چينل جي پروگرام ۾ بيان ڏنو هو جنهن ۾ هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪنهن به سروس چيف اهو نه چيو هو ته سازش نه ٿي آهي.

هن چيو ته شيخ رشيد ائين پئي ڳالهايو ڄڻ هو انهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، ان ڪري مون ضروري سمجهيو ته انهي ئي پروگرام ۾ وڃي ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي وڃي، ڇو ته آءٌ سروس سربراهن جي حوالي سان انهن جو ترجمان آهيان ۽ جيڪڏهن انهن بابت ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جي وضاحت ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان ڪري منهنجي بيان ۾ ڪو به سياسي نقطو نه هو ۽ مون جيڪا وضاحت ڪئي اها اها هئي ته ان ملاقات ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ طرفان واضح ڪيو ويو ته ڪنهن به قسم جي سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو، مون ڪالهه ان تي واضح طور تي ڳالهايو هو، منهنجي طرفان وضاحتي بيان هو، ان ۾ ڪا به سياسي ڳالهه نه هئي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اهو معاملو قومي سلامتي جو آهي، ان ڪري سمورن سروسز چيفس ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي به اجلاس ۾ دعوت ڏني وئي هئي ۽ جڏهن ان جهڙي اعلى فورم تي جيڪو ملڪي سلامتي جو سڀ کان اهم فورم آهي، جڏهن اتا گهرايو ويندو آهي ته ايجنڊا اڳ ئي ٻڌائي ويندي آهي ته اجلاس چو ٿي رهيو آهي؟

هن وڌيڪ چيو ته اهڙي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سمورن شرڪت ڪندڙن خاص طور تي ٽنهي فوجين جي سربراهن ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کان ان پٽ ورتو ويندو آهي ۽ اهو ان پٽ انٽيليجنس معلومات تي ٻڌل هوندو آهي، اها ڪا راءِ ناهي، اڄ ٻڌايو پيو وڃي ته هي. انهن جي راءِ آهي، اها اسان جي راءِ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سروسز چيفس طرفان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته اها ڪا راءِ نه هئي، اها انٽيليجنس معلومات تي ٻڌل ڄاڻ هئي. سندس چوڻ هو ته حقيقتون ڏسڻ کانپوءِ اتي ان پٽ ڏنو ويو هو، ان ڪري اجلاس ۾ موجود سياسي قيادت اجلاس جي اعلان ۾ سازش جو لفظ شامل نه ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جيڪڏهن ٿي سگهي ته معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ جوڊيشل ڪميشن يا ڪو به ڪميشن ٺاهي، گذريل حڪومت وٽ به اهو اختيار هو، جڏهن ته هن حڪومت کي به اختيار آهن ۽ جيڪڏهن حڪومت ٺاهي ٿي. ان معاملي تي ڪو ڪميشن يا فورم ٺهندو ته ادارو ان سلسلي ۾ تمام ضروري سهولتون ۽ تعاون فراهم ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button