عالمي

خوراڪ بحران سبب وڏي پيماني تي لڏپلاڻ جو خطرو آهي: گڏيل قومون

جنيوا: گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر چيو آهي ته گذريل سال دوران سڄي دنيا ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجا اجها ڇڏڻا پيا، جيڪو ٻي عالمي جنگ بعد بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. يو اين ايڇ سي آر عالمي لڏپلاڻ تي جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ چيو آهي ته 1951ع ۾ پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي وجود بعد کان پهريون ڀيرو يوڪرين ۾ پناهگيرن جو سڀ کان وڏو ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ بحران سامهون آيو آهي گڏيل قومن جي اداري مطابق يوڪرين جنگ خوراڪ جي عدم تحفظ جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو غريب ملڪن ۾ وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجو اجهو ڇڏڻ تي مجبور ڪندو. يوڪرين جنگ جي ڪري خوراڪ جو بحران عالمي سطح تي قيمتن ۾ واڌ، اناج ۽ ڀاڻ جي کوٽ جهڙا مسئلا ان تباهي واري رجحان ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندا. هن چيو ته عالمي برادري ان انساني الميي کي مُنهن ڏيڻ ۽ تڪرارن جو حل ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي نه ته اهو خوفناڪ رجحان جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button