اسلام آبادپاڪستان

گهٽ پاڻي جو نقصان به سڀني ۾ هڪ جيترو ورهائڻ گهرجي:ارسا چيئرمين

اسلام آباد : پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ خاص ڪميٽي کي چيئرمين ارسا ٻڌايو آهي ته گهٽ پاڻي جو نقصان به سڀني ۾ برابر ورهائڻ گهرجي. خميس تي پاڻي وسيلن واري وزير خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان کي پاڻي وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا. ماهرن جي خصوصي ڪميٽي معاملي جي حل جي ٻن ڏينهن ۾ سکر ۽ گڊو بئراج جو دورو ڪندي. خورشيد شاهه چيو ته سکر کان بلوچستان پخته بيڊ جي ذريعي بلوچستان کي پاڻي ملي رهيو آهي. هاڻي مٽي اچي وڃڻ سبب بيڊ مٿي ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاڻي وسيلن واري جوائنٽ سيڪريٽري مهر علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي موقعي تي وڃي پاڻ جائزو وٺندي. ارسا چيئرمين چيو ته پاڻي جو نقصان به سڀني ۾ برابر ورهائڻ گهرجي. ڪميٽي چيو ته پاڻي وسيلن وارو سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، منسٽر بلوچستان، آبپاشي سنڌ وارو سيڪريٽري ٻن ڏينهن لاءِ سکر ۽ گڊو بئراج وڃن ۽ پاڻ ڏسن ته پاڻي ورڇ منصفاڻي ٿي رهي آهي يا نه. وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته ايندڙ سال تائين ٽيليميٽر لڳايا ويندا، جنهن سان پاڻي جي ورڇ جو آٽوميٽڪ ۽ منصفاڻو نظام قائم ٿي ويندو. پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز چيو ته پاڻي جي ورڇ جي اجلاس ۾ صوبائي نمائندا هارڊ لائن اختيار ڪن ٿا، پاڻي جي ورڇ جو معاملو سياسي طور تي حل ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button