اسلام آبادپاڪستان

قوم قدم نه کنيو ته ڪو وزيراعظم آزاد پرڏيهي پاليسي نه ٺاهي سگهندو:عمران

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ آچر تي احتجاج جو سڏ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پهريون ملڪ ناهي، جتي آمريڪا وزيراعظم ۽ حڪومت کي تبديل ڪيو. قوم قدم نه کنيو ته ڪو به وزيراعظم آزاد پرڏيهي پاليسي نه ٺاهي سگهندو. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل تسليم ڪيو آهي ته مداخلت ٿي آهي. پاڪستاني سفير کي چيو ويو ته عمران خان روس ڇو ويو؟ آمريڪا ڪاوڙيو آهي. عمران خان کي نه هٽايو ويو ته پاڪستان ڏکيائين کي منهن ڏيندو، جيڪڏهن هٽايو ويو ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو. هن چيو ته آمريڪين کي ڄاڻان ٿو، انهن جي سامهون جيترو جهڪندئو اهي جوتا هڻندا. پاڪستان پهريون ملڪ ناهي، جتي آمريڪا وزيراعظم ۽ حڪومت کي تبديل ڪيو، قوم اسٽينڊ نه ورتو ته ڪو وزيراعظم آزاد پرڏيهي پاليسي نه ٺاهي سگهندو. سندس چوڻ هو ته هن مهانگائي ۾ پگهادار طبقو ڪيئن گذارو ڪندو، پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان 30 سيڪڙو مهانگائي وڌندي.غريب پيڙهجي ويندو، اسان جي حڪومت جا پهريان ٻه سال تمام ڏکيا هئا. دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته شهباز شريف نيب ۽ ايف آءِ اي وٽ ويٺو، نئون قانون آيو آهي، ٻلي کير جو خيال رکندي. سوچي وٺي جيڪڏهن نيب هلي وئي ته پراڻا ڪيس هليا ويندا. عمران خان چيو ته شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي جنهن جو فيصلو هڪ سال اڳ ٿيڻ گهرجي ها، هن سمورن آفيسرن کي تبديل ڪيو. ڊاڪٽر رضوان دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. فيصل آباد ۾ جاچ آفيسر آپگهات ڪري ڇڏيو ۽ مقصود چپراسي پرڏيهه ۾ فوت ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته آئون هڪ مضبوط شو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان پر اهو نه ٻڌائيندس ته ڇا ڪرڻ وارو آهيان. ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پوندو. هن چيو ته موجوده بحران جو واحد حل صاف ۽ شفاف چونڊون ئي آهن. مان توهان کي يقين ڏيان ٿو ته اسان قانون جي دائري ۾ رهي پرامن احتجاج ڪنداسين. ٻئي طرف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عمران خان چيو ته قوم آچر جي رات 9 وڳي سڄي ملڪ ۾ احتجاج لاءِ نڪري، ان تماشي جي خاتمي لاءِ سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پوندو نه ته وڌيڪ مهانگائي ٿيندي. هن چيو ته مان آچر جي رات ڏهين وڳي قوم کي خطاب به ڪندس، تيل جا اگهه اڃا وڌندا، جنهن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو. حڪمت عملي ڏيڻ چاهيان ٿو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا اسان کي چپ ويهڻ گهرجي يا آواز اٿارڻ گهرجي؟ هن چيو ته سڀني کي چئي رهيو آهيان ته ڏسندا رهو، تيل جا اگهه اڃا وڌندا، اسان جي خلاف جيڪا به سازش ٿي بي اعتمادي سان ٿي.ن ليگ، پ پ ۽ فضل الرحمان سڀ هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيا هئا، سڀني هڪ ئي ڳالهه ڪئي مهانگائي، ميڊيا به انهن جي پٺ ڀرائي ڪئي، اسان جا ماڻهو لوٽا بڻجي ويا ۽ اتحادي به ڇڏي ويا. عمران خان جو چوڻ هو ته سڀني چيو مهانگائي ٿي وئي آهي، اسان تڪن ۾ نٿا وڃي سگهون، اڄ قوم سامهون حقيقتون رکڻ چاهيان ٿو، سچ نه لڪندو، سچ سامهون ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button