پاڪستانسنڌ

ججز مقرري جو طريقيڪار اثرائتو هجڻ گهرجي: جسٽس (ر) مقبول باقر

ڪراچي: سُپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج، رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر چيو آهي ته اعليٰ عدليه ۾ ججز مقرري جو طريقيڪار اثرائتو هجڻ گهرجي، بينچز جي جوڙجڪ ۽ ڪيسز تي شنوائي جو طريقو به شفاف هجڻ گهرجي. ڪراچي ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کي خطاب دوران (ر) جسٽس مقبول باقر چيو ته 70 سالن کان مختلف تجربا ڪري رهيا آهيون، هاڻي به نه سُڌرياسين ته ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيندو.

هن چيو ته عدالتي ڪميشن ۾ جونيئرز جي مقرري تي بار ۽ وڪيلن کي ڳڻتي آهي، حساس ڪيسز تي شنوائي لاءِ آزاد ججز هجڻ گهرجن، آئين ۽ پارليامينٽ کانسواءِ ڪير به طاقتور ناهي. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته تڪڙو ۽ سستو انصاف هر شهري جو حق آهي، اُن لاءِ عدليه ۽ وڪيل برادري ٻنهي کي گڏيل طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button