پاڪستانسنڌ

دعا زهرا جو پي ها ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي: دعا زهرا جي والد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي. درخواست ۾ دعا زهرا جي پيءَ مهدي ڪاظمي موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا کي سندس مرضي موجب فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، دعا زهرا جي بيان ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي بنياد تي اهو فيصلو ٻڌايو ويو. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ دعا زهرا جي عمر 17 سال ٻڌائي وئي آهي.

جڏهن ته نادرا رڪارڊ ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽن موجب دعا جي عمر 14 ورهين آهي، پوليس ڪيس جو چالان سي ڪلاس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو آهي. دعا جي والد مهدي ڪاظمي جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خامي آهي، درخواست تي تُرت شنوائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اٺ جون تي دعا زهرا ڪيس جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي دعا کي پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button