ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان شهر جي ٽالپر ڪالوني جي رهواسڻ پيرسن جميلا ملاح پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سٽي پوليس سندس پٽ فدا ملاح جي پڪوڙي واري دڪان واري گهٽي مان چوري ٿيل ڪار 4 مهينا گذرڻ باوجود هٿ ڪري نه سگهي آهي، جنهن ۾ ڀنگ وٺڻ لاءِ آيل شهر جي رهواسي ساجد ڀٽي کي پوليس اسان جي نشاندهي تي گرفتار ڪري چوري ٿيل ڪار هٿ نه ڪئي، پر هاڻ ساجد ڀٽي آزاد ٿي ويو آهي، سماجي اڳواڻ محمد خان مري ڪار جي واپسي لاءِ پوليس کي تيل جي خرچ بهاني مون کان 50 هزار رپيا وٺي وڏو دوکو ڪيو. هن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته نوجوان پٽ فدا ملاح جي 4 مهينا اڳ چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close