مقصودو رند: يوسي لنڊو جي وارڊ نمبر چار ۾ پ پ اميدوارن ايڊووڪيٽ سائين بخش زرداري، محمد عثمان راجپوت، علي حسن رند، محبوب علي رند، يونس بروھي، يوسف راجپوت ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ڌڻي بخش ڇٽو، محمد حيات ڇٽو، حاجي جان محمد بروھي، علي احمد بروهي، عبدالمجيد بروھي ۽ امام بخش بروھي عمراڻي جا دورا ڪري ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون، جتي مختلف ماڻهن سندن حمايت جو اعلان ڪيو. ڳوٺ محمد سليمان بروھي ۾ شاھنواز بروھي پاران شاندار ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي سائين بخش زرداري، علي حسن رند، محمد عثمان راجپوت ۽ ٻين چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي، اليڪشن ڏھاڙي پ پ اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close