پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ امڪاني ڌانڌلين خلاف تحريڪ انصاف جو ڌرڻو

ڪلوئي: ڪلوئي ۾ تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوارن آر او آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، پوليس آر او آفيس جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا. خبر موجب ڪلوئي ۾ مڪاني چونڊن جو چهچٽو عروج تي پهچي ويو. گذريل ڏينهن پي ٽي آئي جي ضلعي ڪائونسل ڪلوئي جي اميدوار ارباب سميع الله، يوسي سارهورڙ تي بيٺل ضلعي ڪائونسلر جي آزاد اميدوار محمد خان لنڊ، يوسي ٻولهاڙي جي آزاد اميدوار عبدالحفيظ لنڊ ۽ ارباب عنايت جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن لنڊ هائوس کان آر او آفيس تائين پيادل ريلي ڪڍي، جيڪا مختلف هنڌن تان ٿيندي آر او آفيس پهتي، جنهن دوران ٽن پوليس موبائيلن ۾ سوار ڊي ايس پي سڄاڻ سنگھه، ايس ايڇ او ڪلوئي ۽ ايس ايڇ او ڏيپلو جي اڳواڻي ۾ اهلڪارن آر او آفيس جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا، ڪيترن ئي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ امڪاني ڌانڌلين خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ ارباب عنايت الله، ارباب سميع الله ۽ محمد خان لنڊ خطاب ڪندي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن صاف شفاف ٿئي، ٿرپارڪر ضلعي انتظاميا ڪمدار جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هي بلدياتي اليڪشن اسان جي موت ۽ زندگي جو مسئلو آهي، پ پ جو ايم پي اي بوکلائٽ جو شڪار ٿي پوليس هٿان ماڻهن کي حراسان ڪرائي رهيو آهي ۽ اسان جي ووٽرن کي پريشان ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن فوج ۽ رينجرز جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي ۽ اسان جا جيڪي مطالبا آهن، اهي تسليم ڪيا وڃن. هنن چيو ته پولنگ اسٽيشنون پراڻن هنڌن تي بحال ڪري اليڪشن ڪرائي وڃي. جڏهن ته آر او آفيس اڳيان لڳل ڌرڻي دوران پوليس جا وڏا اٽالا موجود هئا، آخر ۾ اڳواڻن اي آر او وٽ چارٽ آف ڊمانڊ جمع ڪرايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button