پاڪستانسنڌ

آبادگارن تي لٺبازي ۽ فائرنگ خلاف ميهڙ ۽ راڌڻ ۾ مظاهرا

ميھڙ/راڌڻ: ميهڙ ڀرسان آبادگارن جي پرامن احتجاج تي پوليس جي لٺبازي ۽ فائرنگ ڪرڻ واري واقعي خلاف ميهڙ ۾ بار جي صدر وڪيل عبدالحليم ٻگھيو، جنرل سيڪريٽري وڪيل سعيد احمد پنھور، وڪيل رياض مھيسر، وڪيل رضوان تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي اسان جو بنيادي حق آھي، آبادگارن پاران پنهنجو حق گھرڻ تان پوليس پاران حملو ڪرڻ فائرنگ ڪرڻ نامناسب عمل آھي. ھنن ايس ايس پي دادو کان واقعي جو نوٽيس وٺي پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. راڌڻ ۾ عبدالستار ميراڻي، اسلم مغل، شمن لاکير، صدام جانوري، امجد خاصخيلي، يوسف بروھي، سجاد خاصخيلي ۽ امتياز ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ حسيني چوڪ راڌڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button