اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف ۽ بلاول وچ ۾ رابطو/ پاڪستان گري لسٽ مان نڪري ويندو:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم شهباز شريف فون ڪئي. وزيراعظم ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا هدف مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير کي مبارڪ ڏني.ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم مبارڪن جي حقدار آهي. هن چيو ته گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪ، پاڪستان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل “ڪور سيل” پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو. گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون. قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button