اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ وڌائڻ جو اشارو

اسلام آباد ؛ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب سي پي پي اي بجلي اگهن ۾ 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڏني آهي، جيڪا مئي جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي. نيپرا موجب سي پي پي اي جي درخواست تي شنوائي 27 جون تي ٿيندي. جڏهن ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مئي ۾ فرنس آئل سان 8 ڏهائي 80 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي ۽ فرنس آئل سان 33 رپيا 67 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مقامي گئس سان 10 سيڪڙو، درآمدي ايل اين جي سان 22 ڏهائي 89 سيڪڙو ۽ پاڻي سان 24 ڏهائي 50 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. مئي لاءِ ريفرنس لاڳت 5 رپيا 93 پئسا في يونٽ مقرر هئي پر سي پي پي اي طرفان درخواست 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ جي ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button