اسلام آبادپاڪستان

نان فائلرز تي گاڏين جي رجسٽريشن ٽيڪس ۾ 100 سيڪڙو واڌ منظور

اسلام آباد (رپورٽ: ارشاد انصاري) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي نان فائلرز تي گاڏين جي رجسٽريشن ٽيڪس ۾ 100 سيڪڙو واڌ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي هدايت ڪئي وئي آهي ته آرڊيننس ذريعي قانون سازي نه ڪئي وڃي، بل جي صورت ۾ آندو وڃي. اجلاس ۾ ايف بي آر عملدارن انڪشاف ڪيو ته پاڪستانين کي دبئي، لنڊن يا نيويارڪ ۾ اعلانيل ملڪيت جي قيمت تي هڪ سيڪڙو ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. سرڪاري ملازمن جي ملڪيتن تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي ڇوٽ به واپس ورتي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ ۾ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، انڪم ٽيڪس ۾ ڇوٽ ٻين خيراتي ادارن کي به ڏني وئي آهي. رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوج جي ملازمن جي ملڪيت تي ڪيپيٽل گينز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪئي پئي وڃي. ڪالهه اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽرز سعديه عباسي، محمد طلحه محمود، ذيشان خانزاده ۽ انوار الحق ڪاڪڙ کان علاوه چيئرمين ايف بي آر، ميمبر پاليسي ايف بي آر ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سينيٽر سعديه عباسي چيو ته بل جي صورت ۾ قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد چيو ته پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسي ايشن جي ريفنڊز جو مسئلو حل ٿي ويو آهي. اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر کي ٻڌايو هو ته 48 ڪلاڪن ۾ ريفنڊ نه ڏنا ويندا. اجلاس ۾ موجود پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچرنگ ايسوسي ايشن جي نمائندي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ساڍا 4 مهينن کان ريفنڊز ادا نه ڪيا ويا آهن، في سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ننڍين گاڏين تي ٽيڪس نه لڳايو وڃي، چاهي اهي فائلر هجن يا نان فائلر، ان جي مخالفت ڪندي چيئرمين ايف بي آر چيو ته هو معيشت کي دستاويز ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن نان فائلر گاڏيون خريد ڪري سگهن ٿا ته پوءِ. پراپرٽي خريد ڪندڙ نان فائلر تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، نان فائلر تي گاڏين جي رجسٽريشن ٽيڪس ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button