اسلام آبادپاڪستان

فوڊ سيڪيورٽي جي خطرن سبب پاڪستان کي چئلينجز آهن:نويد قمر

اسلام آباد :واپار واري وفاقي وزير نويد قمر چيو آهي ته ادائگين جي توازن واري بحران ۽ فوڊ سيڪيورٽي کي موجود خطرن جي روشني ۾ پاڪستان کي چئلينجز درپيش آهن. انهن مسئلن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اسان کي وبائي مرضن کان نڪرڻ ۽ مستقبل جي تياري ۾ مدد ڪن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز مطابق ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي 12 هين وزارتي ڪانفرنس 12 کان 16 جون تائين جنيوا ۾ منعقد ٿي. واپار واري وفاقي وزير پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪئي هئي، جنهن ۾ عالمي تجارتي تنظيم م پاڪستان جي مستقل مشن ۽ واپار واري وزارت جا عملدار شامل هئا. 12 جون تي ٿيل افتتاحي تقريب دوران واپار واري وزير گهڻ رخي تجارتي نظام کي پيش ايندڙ چئلينجز تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزارت ڪانفرنسن جي مينڊيٽ تي عملدر آمد جي کوٽ، تڪرارن جي حل، هڪ غير فعال اداري، قائدن تي ٻڌل نظام کي نظر انداز ڪرڻ واري رجحان ۽ ميمبرن جي هڪ طرفي قدمن جي نظام کي درپيش وڏين چئلينجن طور اجاگر ڪيو. واپار واري وزير ادائگين جي توازن جي بحران ۽ فوڊ سيڪيورٽي کي موجود خطرن جي روشني ۾ پاڪستان کي درپيش چئلينجز تي روشني وڌي. هن انهن مسئلن تي توجهه ڏيڻ تي زور ڀريو، جيڪي اسان کي وبائي مرضن مان ڪڍڻ ۽ مستقبل جي تياري ۾ مدد فراهم ڪندا. جهڙوڪ ملڪيتن جي دانش واري نظام سان درپيش چئلينجن جا حل تلاش ڪرڻ، ترقي پذير ملڪن کي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي کوٽ ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ پاليسي ٽولز تائين رسائي شامل آهي. واپار واري وزير مراڪش معاهدي ۾ شامل بنيادي اصولن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. جهڙوڪ اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا سازي ۽ اقتصادي ترقي، پائيدار ترقي جي مقصدن جي حاصلات لاءِ خصوصي ۽ امتيازي سلوڪ زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ شامل هوندو. ڪانفرنس دوران پاڪستاني وفد پنهنجي مفادن جي حاصلات لاءِ ڳالهين جي سمورن اهم شعبن ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو ورتو. وباقي مرضن جي باري ڊبليو ٽي او جي رد عمل جي معاملي تي پاڪستان ڪيترن ئي ميمبرن جي اتحاد جي قيادت ادا ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ڪيو. ڪوڊ19 جي رد عمل ۽ مستقبل جي وبائي مرضن جي لاءِ تياري جي باري ۾ وزارتي بيان تي ڪاميابي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هي دستاويز واضح طور ڊبليو ٽي او جي ميمبرن جي واعدن، وبائي مرض دوران درپيش چئلينجن، سببن ۽ فوڊ سيڪيورٽي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، ملڪيتن جي دانش، خدمتن ۾ تجارت، ۽ ريگوليٽري عالمي تعاون، محفوظ، برابري ۽ سستي ويڪسين جي حاصلات لاءِ دانشواراڻين ملڪين جي حقن تي ٻڌل ڇوٽ جي مطالبي جي هڪ معاون طور پاڪستان ڪوڊ 19 ٽرسپ جي فيصلي تحت نتيجن تي ٻڌل ڪاميابي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button