عالمي

ڪابل ۾ گردواري تي حملو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي

ڪابل: افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ سکن جي گردواري تي حملي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙن ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ ڪار کي پنهنجي هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. گردواري جي هڪ عهديدار گورنام سنگهه چيو ته گردواري ۾ تقريبن 30 ماڻهو موجود هئا، اسان کي خبر ناهي ته انهن مان ڪيترا جيئرا آهن. ڪابل جي ڪمانڊر جي ترجمان چيو ته سندن فورسز علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي ۽ ان کي حملو ڪندڙن کان پاڪ ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button