عالمي

بنگلاديش ۾ برساتن تباهي آڻي ڇڏي، 21 ڄڻا فوت، لکين متاثر

ڍاڪا: بنگلاديش ۾ چوماسي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾آسماني کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت حياتيون وڃائي ويٺا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب چوماسي جي برساتن بعد آيل ٻوڏ سبب 40 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. بنگلاديشي پوليس جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن ۾ کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻين واقعن ۾ به 4 ڄڻا حياتيون وڄائي ويٺا آهن. مقامي ميڊيا موجب برساتن کانپوءِ دريائي پاڻي جي سطح تيزي سان بلند ٿي رهي آهي ۽ جڏهن ته ڀارتي سرحد سان لڳندڙ علائقن ۾ سخت ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button