راولپنڊي: بلوچستان جي علائقي پاروم ڀرسان سينٽرل مڪران مائونٽين رينج جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڪالعدم تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جا 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ته دهشتگردن ٺڪاڻي مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. آ ايس پي آر مطابق دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بي ايل ايف سان تعلق رکندڙ 6 دهشتگرد مارجي ويا. بيان مطابق مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي چوڪين تي حملن کان علاوه پنجگور جي علائقي پروم ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلن تي آءِ اي ڊي لڳائڻ ۾ ملوث هئا، دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ آيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close