پاڪستان

لاهور ۾ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۾ جهيڙو، ڪيترائي زخمي

لاهور: لاهور جي تڪ پي پي 167 ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي ۽ فائرنگ سبب ٻنهي پارٽين جا ماڻهو زخمي ٿي پيا، فائرنگ ۾ ليگي اميدوار نذير چوهاڻ جو پٽ ۽ پي ٽي آئي جو اميدوار خالد گجر جو ڀائٽو زخمي ٿي پيو. نذير چوهاڻ ۽ خالد گجر هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪرڻ جا الزام مڙهي ڇڏيا. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو الله هو چوڪ جي ويجهو ٿيو. نذير چوهاڻ مطابق چونڊ مهم کان پوءِ واپس گهر وڃي رهيو هيس ته الله هو چوڪ ويجهو پي ٽي آئي ڪارڪنن فائرنگ ڪئي فائرنگ سان نذير چوهاڻ جو پٽ معاذ گولي لڳڻ سان جڏهن ته گارڊ ڏنڊا لڳڻ سان زخمي ٿي پيو. ٻئي پاسي پي ٽي آئي اڳواڻ خالد گجر ليگي اميدوار کي چونڊ آفيس تي حملي جو الزام مڙهيندي چيو ته نذير چوهاڻ اسان جي آفيس جي اڳيان اچي فليڪس لاهي رهيو هو اسان جي ورڪرز کي گاڏي جو ٽڪر هنيو منهنجي پٽ عادل کي زخمي ڪيو جنهن کي جناح اسپتال پهچايو ويو آهي اسان پنهنجي زخمي ڪارڪنن جو ميڊيڪل ڪرائي رهيا آهيون پوليس اسان جو ڪيس داخل نه پئي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button