سنڌ

ڪراچي مال پڙي مان جانور چورائيندڙ ٽولو گرفتار، عورتون به شامل

ڪراچي ۾ واپارين مال پڙي مان ڍور چورائيندڙ 6 ڄڻن تي ٻڌل ٽولي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق ڪراچي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي ۾ جانور ڪاهي فرار ٿيندڙ ٽولو واپارين جي ور چڙهي ويو. 6 ڄڻن تي ٻڏل ٽولي ۾ 3 عورتون شامل آهن، ٽولي جا ماڻهو خريدار جي حيثيت سان واپاري کان وهڙي جو اگهه معلوم ڪري رهيا هئا ته اوچتو ٻيا ماڻهو جانور کي ڇوڙي کولي گهمائيندي وهڙي کي ڀڄائي ويا. وهڙو چوري ٿيندي ڏسي واپاري رڙيون ڪيون ته ٿڏي تي موجود ماڻهن ۽ پڙي جي انتظاميا قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن جي مدد سان وهڙو ڪاهي ويندڙ شخص کي ٿورو پري وڃي پڪڙي ورتو. ذريعن ٻڌايو ته ماڻهن جي رش مان فائدو وٺندي ڄاڻايل ٽولي جا 6 ماڻهو تمام گهڻو پري نڪري ويا، جڏهن ته اهي پڙي مان ٻاهر نڪرڻ ۾ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ ماڻهن کين پڪڙي ورتو ۽ وهڙي کي ڇڏائي ورتو. ذريعن مطابق ٽولي کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button