عالمي

يوڪرين جنگ سبب دنيا “جهنم” ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي: گڏيل قومون

جنيوا: گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته يوڪرين ۽ روس جي جنگ جي اقتصادي اثرن سبب دنيا “جهنم” ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ڊائريڪٽر ڊيوڊ بيسلي چيو ته هي جنگ ٻين عنصرن سان گڏجي دنيا لا تباهي واري ثابت ٿي رهي آهي. ايٿوپيا جي راڄڌاني اديس ابابا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته يوڪرين جي بحران کان اڳ ئي اسان کي ڪووڊ 19 ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۾ اضافي سبب عالمي سطح تي خوراڪ جو بحران هو، ان وقت لڳي پيو ته حالتون ان کان وڌيڪ خراب نه ٿيون ٿي سگهن پر هي جنگ وڌيڪ تباهي واري آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ان بحران تي ضابطو نه آندو ويو ته عالمي سطح تي سوڪهڙي، عدم استحڪام ۽ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ جهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته سريلنڪا، تيونس ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ وڳوڙن ۽ عدم استحڪام سان عالمي سطح تي ويجهي مستقبل جي صورتحال جو اشارو ملي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button