سنڌ

لاڙڪاڻي عوامي اتحاد جي چونڊ مهم،مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون

لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان چونڊ مهم تيز ڪندي مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ويون. جنهن ۾ ايم پي اي معظم علي عباسي، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر خالد محمود سومرو، يوسي چيئرمين اميدوار علي حسن ڏاهاڻي، مير سڪندر خان مينگل، عبدالحفيظ سامٽيو، وائيس چيئرمين پپن سومرو، مقبول علي جتوئي ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻين کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان عوام جي مسئلن تي ڀرپور آواز اٿاريو، مظلوم ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي، اسان مخالفن جو هر محاذ تي مقابلو ڪري اليڪشن کٽينداسين. هنن چيو ته هر عام ماڻهو کي بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ جمعيت علماءِ اسلام لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن، لاڙڪاڻي جو عوام مڪاني چونڊن ۾ مخالف اميدوارن کي رد ڪري ڇڏيندو. هنن چيو ته لاڙڪاڻي جي هر مسئلي لوڊشيڊنگ، صفائي، روڊ رستن سميت هر مسئلي لاءِ روڊن تي نڪتا آهيون. هنن چيو ته واپڊا پاران 18 کان 22 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته حڪمرانن جي ناڪام پاليسين سبب مهانگائي، بيروزگاري ۽ بجلي لوڊشيڊنگ جهڙن مسئلن ۾ گهٽتائي بدران لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي، حڪمرانن عوام کي بک، بيروزگاري، مهانگائي ۽ مايوسي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو، معاشي بدحالي جو شڪار عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button