سنڌ

ميان صاحب ۾ عورت جو پنهنجي مڙس ۽ ڏيرن خلاف احتجاج

ميان صاحب ويجهو ڳوٺ شاهل مهر جي رهواسڻ زينت زال امان الله منگي پنهنجي ڀا ممتاز سان گڏجي مڙس امان الله منگي، ڏير اسدالله منگي، ڀٽو منگي، رزق الله منگي جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته 3 هفتا اڳ منهنجي ساهرن مونکي تشدد جو نشانو بڻائي حمل ضايع ڪرڻ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد هاڻي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي مونکي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، جنهن به تحفظ لا شڪارپور پوليس سميت سول ڪورٽ کي به درخواست ڏني آهي. هن وقت پنهنجي ڀائرن جي گهر ۾ پناهه ورتي آهي، هتي به منهنجو مڙس گهر تي حملو ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. هن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button