عالمي

دنيا ۾ اٽڪل هڪ ارب ماڻهو ذهني ڇڪ جي بيمارين ۾ مبتلا

گڏيل قومن جي صحت واري اداري ڊبليو ايڇ او جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ دنيا جا اٽڪل هڪ ارب ماڻهو ذهني ڇڪ وارين بيمارين ۾ مبتلا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت جي عالمي اداري ڪرونا وبا سبب هڪ اندازي مطابق دنيا ۾ ڊپريشن ۽ انگزائٽي جي مرضن ۾ 25 سيڪڙو کان مٿي واڌ ٿي آهي. ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊ روس ايڊهينم جو چوڻ آهي تھ هر ماڻهو جي زندگي ڪجهه نھ ڪجهه اهڙو ضرور آهي جو اهو ذهني ڇڪ جو شڪار آهي. هن چيو تھ ذهني صحت، عوامي صحت، انسان حق ۽ سماجي معيشيت جو هڪٻئي سان گهرو تعلق آهي، تنهنڪري ان شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button