پاڪستانسنڌ

پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪرڻ برداشت نه ڪنداسين: علي نواز شاهه

ميرواهه گورچاڻي: ايم اين اي سيد علي نواز شاهه پنهنجي آزاد پينل جي اميدوارن جي ورڪ لا ميرپورخاص ٽول پلازا کان وڏي جلوس جي صورت ۾ ميرواهه گورچاڻي پهتو، جڏهن ته ايم اين اي جو سمن ڳوٺ، بلوچ فارم، ٻيلهاڙو شاخ ۽ خان محمد جسڪاڻي اسٽاپ تي شاندار استقبال ڪري سوين ماڻهن گل ورکا ڪري رقص ڪيو ويو. ٻئي پاسي ايم اين اي علي نواز شاهه ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته آزاد پئنل جي اميدوارن کي تنگ ڪرڻ لا ڏنل نشان تبديل ڪري پولنگ اسٽيشنون من پسندن جي چوڻ تي بدلي ڪيون ويون آهن، اهڙا غيرقانوني قدم ڪنهن به ريت برداشت نه ڪنداسين، هاڻي اليڪشن تائين هتي رهندس، ڏسان ٿو ته ڪئين من مستيون ڪن ٿا، جيڪڏهن آزاد پئنل جي اميدوارن کي تنگ ڪرڻ نه ڇڏيو ويو ته عوام سان گڏ روڊن تي نڪرندس، پو مخالفن کي لڪڻ لا جا به نه ملندي. فيصل ڪاڇيلو، چوڌري احسن گل، چوڌري الھه لوڪ گل، حاجي علي احمد گورچاڻي، چوڌري اشرف آرائين، کيمچند ڀيل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته عبدالروف گل، زاهد حسين نونداڻي ۽ پي ايس پي جي علي اڪبر راجپوت، شڪيل احمد ۽ هريش ڪمار ساٿين سميت علي نواز شاهه گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button