پاڪستانسنڌ

ڀان ۾ اميدوارن کي کنڀڻ خلاف رهواسين جو ڌرڻو، باندي بڻايل آزاد

ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد ويجهو واهڙ مان پي ٽي آءِ جي بدرالدين پنهور ۽ ايس يو پي جي قادر نواز ٿيٻو کي پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڳوٺ پيرل پنهور، موريو پنهور، جاداڻي پنهور، بچل پنهور ۽ ٻين ڳوٺن جا رهواسي روڊن تي نڪري آيا، جن انڊس هاءِ وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. احتجاج ۾ ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر روشن علي ٻرڙو پڻ شرڪت ڪئي. هنن چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا پاڙيسري آهيون، اسان جا ماڻهو اغوا ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تان ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو فارم ڀرائيندڙ بدرالدين پنهور کيس تجويز ۽ تائيد ڪندڙ زاهد ۽ غلام حيدر پنهور کي کنڀي ماهي اوٺو پوليس چوڪيءَ جي بنگلي ۾ قيد ڪري تشدد ڪيو آهي ۽ چونڊ وڙهڻ کان دستبردار ٿيڻ لاءِ زور ڀريو ويو. روشن علي ٻرڙو چيو ته حڪمران ڌر طاقت جي زور تي عوامي مينڊيٽ چوري ڪرڻ چاهي ٿي، وڏي وزير جي تڪ ۾ جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي، افسوس جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس نه پئي وٺي. هوڏانهن سيوهڻ پوليس گرفتار ڪيل چئني ڄڻن بدرالدين پنهور، قادر نواز ٿيٻو، زاهد پنهور ۽ غلام حيدر پنهور جي 2 ڏينهن اڳ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ گرفتاري ظاهر ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن بعد عدالت چئن ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button