سنڌ

شهيد بينظير جي اڄ سالگرهه، لاڙڪاڻي ۾ مرڪزي جلسو، بلاول خطاب ڪندو

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه اڄ سڄي ملڪ ۾ ملهائي ويندي. پيپلز پارٽي پاران تقريبون ۽ جلسا ڪوٺائي شهيد راڻي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. سالگرهه جي مرڪزي تقريب لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ وڏو جلسي عام ٿيندوو جنهن کي چيئرمين بلاول ڀٽو خطاب ڪندو. ان سلسلي ۾ نثار کهڙو ۽ جميل سومري جلسي گاهه جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته جلسي جي تيارين ۽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ جلسي گاهه ۾ هڪ وڏو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي ۽ هزارين ماڻهن لاءِ پنڊال ۾ ڪرسين جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جلسي ۾ لاڙڪاڻي مان هزارن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندو ۽ بلاول ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو. هن چيو ته عمران خان کي اِهو مشورو آهي ته هو قومي اسيمبلي ۾ اچي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري ۽ پنهنجي ڪوڙي بيان تي انتشار ڦهلائڻ بند ڪري. هن چيو ته عوام عمران خان احتجاج واري سڏ کي به رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ هاڻي عوام ڄاڻي چڪو آهي ته ملڪي معيشت جي تباھی جو ذميوار عمران خان آهي، جنهن ڪري اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي ۽ ملڪ کي معاشي بحران سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button