سنڌ

قمبر ۾ سيپڪو عملي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو

قمبر ۾ واپڊا عملي جي ناجائزن خلاف پلي گرائونڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي اڳواڻن حفيظ آزاد هڪڙو، وزير گاڏهي، ايڊووڪيٽ نعمان هڪڙو، سليم سومرو، عبدالقيوم هڪڙو، عصمت گاڏهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ سيپڪو جون ناجائزيون وڌي ويون آهن، شهر جي علي خان محلي سميت اڪثر محلن ۾ بجلي جون يارهن هزار تارون ڪٽي ٽرانسفارمر لاٿا وڃن ٿا ۽ ناجائز ڊٽيڪشن بل موڪلي صارفين سان ظلم ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته اسان هر مهيني بجلي جو بل پياريندا آهيون پوءِ به هيڏي شديد گرمي ۾ نااهل ايس ڊي او ۽ واپڊا عملدارن بقايا ڄاڻائي بجلي بند ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هنن سيپڪو اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button