پاڪستانسنڌ

چونڊن ۾ کدڙا فقيرن ۽ عورتن کي به بيهاريو وڃي:مديحه شاهه

ميرپورخاص: حيدرآباد شھر سان واسطو رکندڙ کدڙي فقير مديحه شاهه سياسي پارٽين پاران مخصوص سيٽن تي کدڙي فقيرن، عورتن ۽ معذورن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف سماجي اڳواڻ واجد لغاري ۽ خالده منير سان گڏ ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته بلدياتي اليڪشن کانپو مخصوص سيٽن تي نامزدگي وقت کدڙي فقيرن، صفائي واري عملي ۽ گهريلو خواتين کي خصوصي طور تي ترجيح ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ضلعن ميرپورخاص، سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ٿيندڙ بلدياتي ادارن جي اليڪشن ۾ رڳو ميرپورخاص جي 18 لک آبادي آهي، پر رڳو 11 عورتون سڌي ريت حصو وٺي رهيون آهن، جن مان 4 عورت اميدوارن کي ٽڪيٽ ملي، باقي آزاد اميدوار طور بيٺل آهن، جنهن مان ثابت ٿيو ته سياسي پارٽين وٽ متحرڪ خواتين ناهن. ملڪ جي آبادي جو 51 سيڪڙو آبادي عورتن جي آهي. آغا منير چيو ته ٻهراڙي ۾ وڏيرا اڪثر اڻ پڙهيل هاري عورتن کي صرف صحيح ۽ خاناپوري لا نامزد ڪن ٿا، اهي عورتون مسئلن تي وڏيرن سامهون نٿيون ڳالهائي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button