پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ شجاع آباد تعليم کاتي جي عملدارن خلاف احتجاج

ميرپورخاص: تعلقي شجاع آباد جي آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن مطالبن جي مڃتا لاءِ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن ظھير سولنگي،شھباز، عبدالڪريم، بشارت علي، علي محمد ۽ ٻين چيو ته تعلقي شجاع آباد آفيشل رڪارڊ موجب ايليمينٽري اسڪولن ۾ 161 جايون ڏنيون ويون، پرائمري اسڪول کي شامل ڪري 270 کان وڌيڪ خالي پوسٽون آھن، تعلقي شجاع آباد ۾ مقرر تعليم کاتي جي عملدارن ڄاڻايل پوسٽون ظاهر نه ڪري وڏي ڪرپشن ڪئي، اسان واسطيدار عملدارن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، ھڪ سازش تحت عملدارن آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي نوڪرين کان محروم ڪيو ويو آهي. ھنن وڏي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button