اسلام آبادپاڪستان

عمران ملڪ کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي اقتدار ڇڏي ڀڄي ويو:قومي اسيمبلي ۾ تقريرون

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته ملڪ کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي مشڪل بجيٽ جي وقت ڪير اقتدار ڇڏي ڀڄي ويو. جيڪڏهن اتحادي حڪومت مشڪل فيصلا نه ڪري ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. معيشت، ماحوليات ۽ پاڻي جي معاملي تي سمورين پارٽين کي ترجيح ڏئي ان جو حل ڳولڻو پوندو. اربع تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي شيري رحمان چيو ته اسان اپوزيشن جو احترام ڪريون ٿا، پي ٽي آئي جون ڳالهيون اسان سينيٽ سميت هرهنڌ ٻڌون ٿا. اسان جي حڪومت کي ورثي ۾ جيڪي حالتون مليون، اهي گذريل حڪومت جي مهرباني آهي. هن چيو ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته ملڪ کي هن ڌٻڻ ۾ ڦاسائي مشڪل بجيٽ جي وقت ڪير اقتدار ڇڏي ڀڄي ويو؟ هن چيو ته اسان الزام نه هڻنداسين، ان جا نتيجا پهريان ئي سڀني ڏسي ورتا. هن چيو ته پنهنجو پاڻ کي انقلابي چوندڙ پي ٽي آئي ملڪ کي ڌٻڻ ۾ ڇڏي وئي، جيڪڏهن اتحادي حڪومت ڏکيا فيصلا نه ڪري ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. هن چيو ته ماضي جي سڀني حڪومت آئي ايم ايف پروگرام ورتا پر عوام تي ايترو بار نه پيو. هن چيو ته هي حڪومت ڏکيا فيصلا ڪندي ۽ گذريل حڪومت جا ڪرتوت پنهنجي ذمي کڻي معيشت کي بهتر ڪندي. هن چيو ته آئي ايم ايف اسان کان ناراض آهي ته گذريل حڪومت جي واعدي مطابق سخت فيصلا نه پيا ڪريون. اسان ايف ٽي ايف بابت گذريل حڪومت سان گڏجي قانونسازي ڪئي پر هي ان قانونسازي تي به اسان کي مهڻا ڏيندا رهيا. قومي اسيمبلي اسپيڪر چيو ته ڪنهن ميمبر لاءِ غنڊاگردي جو لفظ استعمال ڪرڻ غلط آهي. مسلم ليگ (ن) جي امغان سبحاني چيو ته انڊيا ۾ پاڻ سڳورن صه جي شان ۾ ٿيندڙ گستاخي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. مون کي ڀارت جو ويزا ڏنو وڃي ته جيئن تلوار کڻي وڃان ان ملعومه جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري سگهان. جڏهن ته چوڌري فقير احمد پنهنجي تڪ ۾ 12 سالن جي ٻارڙي جي اغوا زيادتي ۽ قتل جي واقعي تي آئي جي پنجاب کان رپورٽ گهرڻ جو مطالبو ڪيو. بجيٽ تقرير دوران هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به هن پنهنجي تڪ ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو جنهن تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کيس چيو ته هي معاملو لاڳاپيل اختيارين سان اٿاريو ويو آهي، جنهن تي چوڌري فقير احمد اسپيڪر جو ٿورو مڃيو. مولانا عبدالاڪبر چترالي اعتراض واري نقطي تي چيو ته اتر وزيرستان ۾ لڱ ڪانڍاريندڙ واقعو ٿيو آهي، دهشتگرد ٻيهر ڪنڌ کڻي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾بيچيني آهي. هن چيو ته اسد الله داوڙ اسلامي جمعيت طلبا بنون جي اڳواڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ الخدمت جو صدر هو منهنجي درخواست آهي ته ان حوالي سان رپورٽ گهري وڃي. محمود شاهه چيو ته بجيٽ سٺي آهي يا خراب فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. مهانگائي جو سبب آئي ايم ايف سان معاهدا آهن. حڪمران عام ماڻهو جي زندگي جو معيار اختيار ڪن. گهر کان آفيس تائين سفر جا خرچ 98 ڪروڙ هوندا ته معيشت جو ٻيڙو ٻڏندو. هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن وفاقي ناڻي واري وزير ۽ مملڪتي وزير جي ايوان ۾ غيرموجودگي تي واڪ آئوٽ ڪيو. شيخ روحيل اصغر اعتراض واري نقطي تي چيو ته بجيٽ بابت معاملن تي بحث دوران لاڳاپيل وزيرن کي ايوان ۾ هجڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙو ڪوئي ماڻهو موجود نه آهي جيڪو ايڇ اِي سي بابت معاملن کي نوٽ ڪري. بجيٽ اجلاس ۾ سمورن کاتن جي آفيسرن کي ايوان ۾ هئڻ گهرجي. راجا رياض چيو ته وفاقي وزير ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير ايوان ۾ موجود ناهن، اسان اپوزيشن طور اجلاس جو بائيڪاٽ ڪريون ٿا. ان سان گڏ ئي اپوزيشن ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته لاڳاپيل عملدار ايوان ۾ موجود آهن. وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته بجيٽ سيشن ۾ گهڻي ڀاڱي تقريرون ماليات تي ٿين ٿيون. هن وقت به ايوان ۾ 3 وزير موجود آهن، گئلري ۾ ناڻي وزارت جا 8 اهلڪار آهن. عبدالقادر پٽيل چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ کي پرچائي ايوان ۾ آڻيندو. ڊپٽي اسپيڪر وفاقي وزير قادر پٽيل کي ايوان ۾ واپس آڻڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کان پوءِ عبدالقادر پٽيل ۽ آغا رفيع الله اپوزيشن ليڊر ۽ هڪ ميمبر کي ايوان ۾ واپس آندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button