پيرولاشاري: عمرڪوٽ جي جوڙي گهران نڪري حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند پرڻو ڪري ڇڏيو، جوڙو تحفظ لاءِ پيرولاشاري پريس ڪلب صحافين وٽ پهچي ويو، ان موقعي تي مينا زال علي محمد مڱريو پنهنجي مڙس سان گڏجي دانهيندي چيوته ڪجھه ڏينھن اڳ اسان گهران پسند جي پرڻي لاءِ نڪتاسين، جنھن بعد اسان حيدرآباد جي عدالت ۾ پنهنجي مرضي سان شريعت موجب نڪاح ڪيو آهي، جنھن بعد اسان جا مائٽ عباس مڱريو، عطا مڱريو، اطهر مڱريو، اسحاق مڱريو ۽ اسلم مگريو سميت اسان جي ڳوٺ جا بااثر اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن، هنن ايس ايس پي بدين ۽ ايس پي ٿرپارڪر کان تحفظ فراهم جو مطالبو ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close