پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ پارڪ جي ٽانڪي مان هڪ همراهه جو لاش هٿ

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پارڪ جي ٽانڪي مان هڪ جو شخص جو لاش هٿ، پاڻي جي ٽانڪي ۾ٻڏي فوت ٿيڻ جا اطلاع. لاش هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو. خبر موجب حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي جي حد جي علائقي پٺاڻ ڪالوني جي پاڪستان پارڪ ۾ قائم پاڻي جي ٽانڪي مان 37 ورهين جي محمد اجمل پٽ محمد يونس جو لاش هٿ آيو.

اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪارن پهچي پاڻي جي ٽانڪي ۾ همراهه جو لاش ڪڍي حيدرآباد سول اسپتال پهچايو. وارثن پوليس کي ٻڌايو ته سندن نشي جو عادي هو، پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري فوت ٿي آهي. جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button