مڪاني کاتي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت فيبروري ۽ مارچ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائي سگھي ٿي. اسان جي خواھش آھي تھ مردمشماري جي اعتراضن کي پارليامينٽ ۾ آندو وڃي ۽ عام چونڊن لاءِ نئين مردمشماري ڪرائي وڃي. سکر پريس ڪلب جي عمارت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر شاھھ وڌيڪ چيو تھ سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آھي پر الزام سنڌ صوبي تي ڏنو وڃي ٿو. سکر ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پروگرام آڻي رھيا آھيون. عمران خان جي حڪومت آر ٽي ايس سسٽم تحت قائم ٿي ۽ هو ٻيهر انهي ساڳي سسٽم تحت اچڻ چاهي ٿو، جيڪا ڪڏهن به ٻيهر نه ايندي، ان مان عوام بيزار ٿي چڪو آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اي وي ايم سسٽم ختم ٿي چڪو آهي .
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close