اسلام آبادپاڪستان

ڏاج واپس نه ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي وزير جو پٽ گرفتار

اسلام آباد ۾ ڏاج واپس نه ڪرڻ تي پوليس عدالتي حڪم تي اڳوڻي وفاقي وزير وصي ظفر جي پٽ وقار وصي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

عدالت 20 مارچ 2018ع تي وقار وصي کي اڳوڻي زال کي زيور واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، وقار وصي عدالتي فيصلي کي ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود پنهنجي زال کي ڏاج جو سامان واپس ناهي ڪيو.

سينيئر سول جج فيملي ڪورٽ قدرت الله، وقار وصي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ٻڌائيندي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي، عدالت حڪم ڏنو ته وقار وصي کي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ تي هڪ سال کان اڳ ئي آزاد ڪيو وڃي.

وصي ظفر جو تعلق مسلم ليگ ق سان هو ۽ پرويز مشرف جي ڪابينا ۾ قانون وارو وفاقي وزير هو، هلندڙ سال 72 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button