سنڌ

فريئر هال جي حفاظت ۽ بحالي جي رٿا شروع ٿي وئي

آمريڪي قونصل خاني ڪراچي، ڪي ايم سي ۽ سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ايڊوينچر سوسائٽي جي گڏيل تعاون سان فريئر هال جي حفاظت ۽ بحالي جي رٿا جو آغاز ڪيو ويو. آمريڪي قونصل خاني ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ايڊوينچر سوسائٽي (سِيز) جي گڏيل تعاون سان فريئر هال جي عوامي افتتاح جي 156هين سالگره جي موقعي تي هال جي بحالي ۽ حفاظت جي رٿا شروع ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي قونصل خاني سيز کي آمريڪي سفير جي ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ حفاظت واري فنڊ هيٺ گرانٽ ڏني آهي جيڪا ان رٿا کي مڪمل ڪرڻ ۾ خرچ ڪئي ويندي. آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضى وهاب، سيز جي صدر ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ۽ سيڪريٽر جنرل ڊاڪٽر اسما ابراهيم ان رٿا کي باضابطا طور شروع ڪرڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان ڏس ۾ هڪ تختي جي رونمائي پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button