سنڌ

ڊکڻ ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڊکڻ ويجهو ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن مقتول امتياز شر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٿاڻي آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول امتياز شر جي ما نصيبا خاتون، زال ڪلثوم خاتون، ڀاءُ سعيد احمد شر، دلدار شر ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ نوجوان امتياز شر کي ثنا الله شر، امان الله شر، ارباب شر قتل ڪيو ويو هو جنهن جو ڪيس ڊکڻ ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نٿي ڪري، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن جو چوڻ هو ته جوابدار سرعام ڳوٺ ۾ گهمي رهيا آهن، ڊکڻ پوليس کين گرفتار نٿي ڪري. هنن ايس ايس پي شڪارپور تنوير حسين کان مطالبو ڪيو ته مقتول امتياز شر جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button