سنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان 9 مقتولن جا لاش کڄڻ تي قيامت صغريٰ جو منظر،ڪاروبار بند

اوٻِاوڙو ڀرسان ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد ماھي چوڪ سانحي ۾ قتل ٿيل پي ۽ 4 پٽن سميت 9 ڄڻن جا مڙهه ھڪ ئي ھنڌ رکي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ پ پ پ ايم پي اي ممتاز خان چانگ، محبوب احمد انڍڙ، منير انڍڙ، اظهر خان لغاري سميت ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ھڪ ئي وقت 9 جنازا کڄڻ تي قيامت صغرا جو منظر ٿي ويو. ھر اک آلي ٿي وئي. مقتولن کي هزارين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن سانحي تي علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو. جڏهن ته ماهي چوڪ سميت ڀرپاسي جا علائقا نواز آباد، ڀونگ، رحيم آباد، احمد پور ۽ ٻيا علائقا بند رھيا. جڏهن ته صادق آباد ۾ به واپاري تنظيمن مڪمل ڪاروبار بند رکي ڦوھارو چوڪ تي غائبانا جنازي نماز ادا ڪئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پراڻي تڪرار تان بدنام ڌاڙيل جانو انڍڙ حملو ڪري پي ۽ سندس 4 پٽن سميت 9 ڄڻن کي قتل ڪيو هو، جنهن ۾ حاجي غلام نبي، سندس 4 پٽ ظهير عباس، پير بخش، فاروق ۽ رزاق سميت الهداد، نذير احمد، شريف، منور قتل ٿي ويا هئا ۽ هڪ ڄڻو شير علي پٽ غلام نبي زخمي ٿي پيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button