ڏهرڪي : ڏهرڪي ويجهو گهرو اڻبڻت تان ناري گهر ۾ ڦاهو کائي ڇڏيو. ڳوٺ حافظ سليمان ۾ گھريلو اڻبڻت تان 20 سالن جي ناري تنزيلا زال اشفاق ملڪ ڦاھو کائي ڇڏيو، اطلاع تي ڏھرڪي پوليس واقعي هنڌ پھچي ناري جو لاش کڻائي سرڪاري اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس شروعاتي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close