پاڪستانسنڌ

حڪمرانن جي ڪرپشن سبب سنڌ جا ماڻهو ڀوڳين پيا:زين شاهه

مورو: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهھ ڪانڌڙا ڪالوني ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن سبب سڄو ملڪ خصوصن سنڌ جو عوام ڀوڳي رهيو آھي. پاڻي جي کوٽ سنڌ ۾ شدت اختيار ڪري چڪي آھي، آبادگار سخت پريشان آھن. ٿل ڪئنال سميت مختلف ڪئنال ٺھڻ ۾ مختلف وفاقي پارٽيون ۽ پ پ ان گناهھ ۾ شامل آھي. سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بجلي ناهي، نوجوانن لا روزگار ناهي. مهانگائي، لاقانونيت، منشيات جو وڪرو، عام ماڻھن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرائي ڪوڙا کاتا ٺھرائڻ ۽ پوليس ذريعي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ سياست ناهي، بلڪي بدمعاشي آھي، ان لا سنڌ جي عوام کي ايس يو پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته انهن سڀني مسئلن جو حل به سياست آھي. طاقتور ڌريون چورن ۽ ڪرپٽ سياستدانن مان هٿ ڪڍن، جن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي. جن قوم جو ناڻو لٽيو آھي، انهن خلاف بي رحماڻو احتساب ٿيندو ته ڪرپٽ سياستدانن مان ملڪ جي جان آجي ٿيندي. ان موقعي تي سيد زين شاهه يوسي لليا جي عوام کي چيو ته ضلعي ڪائونسل جي اميدوار امتياز احمد لغاري، يوسي چيئرمين جي اميدوار صدام حسين لغاري ۽ وائيس چيئرمين نظير احمد لغاري کي 26 جون تي ڪار تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪريو. ان کان اڳ طارق پئٽرول پمپ مورو تي زين شاهھ ج آجيان ڪري کيس موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن جي ريلي جي صورت ۾ ڪانڌڙا ڪالوني آندو ويو. جلسي دوران ڪيترن ئي نوجوانن زين شاهه سان ملاقات ڪري ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي غلام مصطفيٰ چانڊيو، رضا محمد بھڻ، ياسين سومرو، غلام قادر لغاري، عوامي تحريڪ اڳواڻ محمد علي شاھه، پي ٽي آئي اڳواڻ اختر علي پرھياڙ، اين پي پي اڳواڻ مقبول احمد سوھو، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ غلام نبي لاکو، پروفيسر الھبچايو لغاري، استاد بھاول خان لغاري غازي خان خان لغاري، اياز علي لغاري، سڪندر علي لغاري، عاشق حسين لغاري، عمران سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button